ارباب نور محمد راهمون

ارباب نور محمد راهمون

ارباب نور محمد راهمون

ارباب نور محمد راهمون: ٿرپارڪر جي راهما برادري جو پڳدار ۽ مشھور سياستدان ارباب نور محمد ولد مير خان راهمون 1924ع ڌاري ڳوٺ سينگالو، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾پيدا ٿيو. ھن جو تعلق ٻانڀڻيا راھمن جي ’گھريا‘ نک سان ھو. ھن پنھنجي ابتدائي تعليم راھومڪي بازار مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. ان کانپوءِ روينيو کاتي ۾ پھرين سرشتيدار ۽ پوءِ ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ مختيارڪار واري عھدي تائين پھتو. 1953ع ۾سرڪاري ملازمت ڇڏي سياست شروع ڪئي۽ ساڳئي سال صوبائي سطح تي عام چونڊن ۾، ڇاڇري جي صوبائي سيٽ تي ارباب الھجڙئي سان مقابلو ڪري سوڀ حاصل ڪئي ۽ پھريون ڀيرو MLA چونڊيو. 1960ع ڌاري ارباب نور محمد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ممبر ٿيو. 1968ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي. ڊسمبر 1970ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي طرفان کيس ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ واري سيٽ جو ٽڪيٽ مليو پر هن خانصاحب عبدالڪريم پليءَ جي حق ۾ هٿ کنيو.1977ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ننگرپارڪر جي سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. 1979ع ۾ ارباب نور محمد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جو ميمبر چونڊجي آيو. 1983ع واري مڪاني چونڊ ۾ تعلقي ڇاڇري جي گڊڙي تڪ تان ضلعي ڪائونسلر واري سيٽ تي محمد رحيم عرف ڦڳڙ راھمي کي شڪست ڏيئي ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال هن ضلعي چيئرمئن واري چونڊ ۾ ارباب غلام رحيم جي حق ۾ هٿ کنيو. جنھن کان پوءِ ارباب غلام رحيم ضلعي جو چئرمئن ٿيو. 21 آڪٽوبر 1983ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو